فرانس ۾ پهريون ڀيرو هم جنس پرست نوجوان وزيراعظم مقرر

پيرس: فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون گيبريل اٽل کي ملڪ جو نئون وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو جيڪو سڀني کان ننڍي ڄمار ۽ پهريون هم جنس پرست وزيراعظم هوندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب فرانسيسي صدر ايمانوئيل ميڪرون 62 سالن جي الزبٿ بورن جي استعيفيٰ قبول ڪري ورتي جنهن جي وزارت جو دور ٻن سالن کان به گهٽ وقت تائين هليو. فرانسيسي صدر ميڪرون جون نظرون هاڻي پنهنجي صدارت جي ٽن سالن جي دور تي آهن جنهن ۾ هو هڪ سرگرم ڪابينا سان عوام ۾ پنهنجي ساک کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو صدر ايمانوئيل ميڪرون جي نئين وزيراعظم لاءِ چونڊ 34 سالن جي گيبريل اٽل تي پئي آهي، اهو فرانس جو سڀ کان ننڍي عمر وارو ۽ سڀ کان پهريون هم جنس پرست وزيراعظم هوندو. صدارتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ايمانوئيل ميڪرون گيبريل اٽل کي وزيراعظم مقرر ڪري کيس حڪومت ٺاهن جو ڪم ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔