سياسي پارٽين جي چونڊ نشانن جي لسٽ جاري، پي ٽي آءِ جو نالو شامل ناهي

اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي چونڊ نشانن جي لسٽ ريٽرننگ آفيسرن (آر اوز) کي موڪلي ڇڏي آهي

اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ريٽرننگ آفيسرن کي خط موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ 145 سياسي پارٽين جي چونڊ نشانن جي لسٽ ريٽرننگ آفيسرن کي موڪلي وئي آهي. ان ۾ تحريڪ انصاف جو چونڊ نشان شامل ناهي

تحريڪ انصاف سميت 12 کان وڌيڪ سياسي پارٽين جا نالا چونڊ نشانن سان لسٽ ۾ ناهن، انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ سبب انهن سياسي پارٽين جا نشان روڪيا ويا آهن

پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين کي تير جو نشان، پاڪستان مسلم ليگ ن کي شير جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف نظرياتي کي بٽ جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي

استحڪام پاڪستان پارٽي کي عقاب جو نشان، متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي پتنگ جو نشان، جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان کي ڪتابي نشان، جماعت اسلامي پاڪستان کي تارازي جو نشان ڏنو ويو آهي

پوسٽ ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سياسي پارٽين جي نامزد اميدوارن کي لاڳاپيل چونڊ نشان الاٽ ڪيا وڃن، سياسي پارٽين جا چونڊ نشان ڪنهن به آزاد اميدوار کي نه ڏنا وڃن

تحريڪ انصاف سميت 12 کان وڌيڪ سياسي پارٽين جا نالا چونڊ نشانن سان لسٽ ۾ ناهن، انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ سبب انهن سياسي پارٽين جا نشان روڪيا ويا آهن

پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين کي تير جو نشان، پاڪستان مسلم ليگ ن کي شير جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف نظرياتي کي بٽ جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي

استحڪام پاڪستان پارٽي کي عقاب جو نشان، متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي پتنگ جو نشان، جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان کي ڪتابي نشان، جماعت اسلامي پاڪستان کي ترازو جو نشان ڏنو ويو آهي

پوسٽ ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سياسي پارٽين جي نامزد اميدوارن کي لاڳاپيل چونڊ نشان الاٽ ڪيا وڃن، سياسي پارٽين جا چونڊ نشان ڪنهن به آزاد اميدوار کي نه ڏنا وڃن

آزاد اميدوارن جي الڳ چونڊ نشانن جي لسٽ ريٽرننگ آفيسرن ڏانهن موڪلي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته لسٽ ۾ شامل چونڊ نشان کانسواءِ اميدوارن کي نشان نه ڏنو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔