نيب پاران اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد خلاف نئين انڪوائري شروع

سوات: قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد خلاف نئين انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب نيب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد خلاف نئين انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان نيب اليڪشن ڪميشن کي خط به لکيو آهي.

نيب ذريعن موجب مراد سعيد مفرور ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي.

ياد رهي ته مراد سعيد عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جيڪي رد ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔