آئين کي ايترو ڏکيو نه ڪيو جو عوام جو اعتماد ختم ٿي وڃي: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ فيصلو ڪيو آهي ته چونڊن بابت انفرادي ڪيس نه ٻڌنداسين.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي به شامل آهن.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته چونڊن بابت انفرادي ڪيس نه ٻڌنداسين، آئين جي تشريح بابت ڪيس ٻڌنداسين. چونڊن بابت انفرادي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي ٻي بينچ ۾ ٿيندي.

چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته نيب قانون ۾ سزا 10 سال هئي، آئين عوام لاءِ آهي وڪيلن لاءِ ناهي، آئين کي سادو بڻايو وڃي. آئين کي ايترو ڏکيو نه بڻايو وڃي جو عوام جو اعتماد ختم ٿي وڃي، فلسفاتي ڳالهائڻ بدران سادو ڳالهايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔