اتر سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙو، سيپڪو جا 300 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ

ڪراچي: سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار، سيپڪو جا 300 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا

سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، ٽريفڪ سخت متاثر، سيپڪو جا 300 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا

سيپڪو جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، شڪارپور، خيرپور ۽ ٻين ضلعن ۾ بجلي بند پيل آهي

سکر، قاضي احمد، شهدادڪوٽ، مورو، هڱورجا، ٺارو شاهه، قمبر، سيوهڻ، نوشهروفيروز ۽ ڀرپاسي ڪوهيڙو رهيو

ڪنڊيارو، بهرام، پيروسڻ، ڪوٽ لالو، دوڙ، فيض گنج، اڪري چودڳي، مدئجي، سجاول جوڻيجو ۽ ڀرپاسي ڪوهيڙو ٿيو

ڀرياسٽي، ميان صاحب، ٺري ميرواهه، ميهڙ، موهن جو دڙو، پکو، مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ڪوهيڙو، ٽريفڪ سخت متاثر رهي

ڄاڻايل شهرن ۾ ٽن ڏينهن کان بجلي بند پيل، ڪجهه شهرن جي بجلي هلڻ بعد وري فيڊر ٽرپ ٿيڻ بعد بجلي بند ٿي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔