وفاق ۽ چئني صوبن جي نگران حڪومتن نااهلي جو مدو 5 سال ڪرڻ واري قانونسازي جي حمايت ڪري ڇڏي

وفاق ۽ چئني صوبن جي نگران حڪومتن نااهلي جو مدو 5 سال ڪرڻ واري قانونسازي جي حمايت ڪري ڇڏي، اٽارني جنرل ۽ چئني صوبن جي ايڊوڪيٽ جنرلز تاحيات نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران نااهلي 5 سال ڪرڻ جي حمايت ڪئي

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ پاران تاحيات نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته درخواست گذارن مان تاحيات نااهلي ڪيس جي ڪير ڪير حمايت ڪري ٿو؟

 درخواست گذار ثناءُ الله بلوچ، ايڊوڪيٽ خرم رضا ۽ عثمان ڪريم تاحيات نااهلي جي حمايت ڪئي، اٽارني جنرل چيو ته مان اليڪشن ايڪٽ ۾ ڏنل نااهلي جي مدي جي حمايت ڪيان ٿو

 عدالت سميع الله بلوچ جي ڪيس تي نظرثاني ڪري، آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جي سزا کي 5 سال ڪرڻ واري قانونسازي جي حمايت ڪيون ٿا، نوازشريف جي تاحيات نااهلي واري فيصلي تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي

 مير بادشاهه قيصراڻي خلاف درخواست گذار جي وڪيل ثاقب جيلاني به تاحيات نااهلي جي مخالفت ڪري ڇڏي، چيف جسٽس جي سوال ڪرڻ تي چئني صوبن جي ايڊوڪيٽ جنرلز به اٽارني جنرل جي موقف جي تائيد ڪئي، نااهلي اليڪشن ايڪٽ تحت ٿيڻ جي صورت ۾ نواز شريف ۽ جهانگير ترين به اهل ٿي ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔