خيبرپختونخواهه جي ٻن ضلعن ۾ دهشگردن جا حملا، 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 7 ڄڻا زخمي

اسلام آباد: خيبرپختونخواهه جي 2 ضلعن ۾ دهشتگردن جي حملن ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جوابي ڪارروائي ۾ آپگهاتي بمبار مارجي ويو.

پوليس موجب ٽانڪ جي پوليس لائنز ۾ دهشتگردن داخل ٿيندي ئي دستي بمن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر گوهر زمان سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، هڪ حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، آپگهاتي ڌماڪي سبب پوليس لائن جي ڇت تي موجود 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

خيبر ضلعي جي علائقي باڙا ۾ دهشتگردن جو ناله جوائنٽ پوسٽ تي بمن سان حملو، 2 سڪيورٽي اهلڪار شهيد، ڪجهه ڏينهن اڳ ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ 23 فوجي جوان شهيد ۽ 27 دهشتگرد  مارجي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔