آمريڪي صدر ڀارت جو هاءِ پروفائيل دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

واشنگٽن : آمريڪي شهري گرپتونت سنگهه کي قتل جِي ڀارتي سازش وائکي ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي صدر جوبائيڊن ڀارت جو هاءِ پروفائيل دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر جوبائيڊن کي 26 جنوري تي ڀارت جَي جمهوري ڏينهن واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت جِي دعوت ڏني وئي هئي.
ڀارتي حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪواڊ سمٽ اِن انڊيا ايندڙ سال ڪنهن به وقت منعقد ڪئي ويندي.
واضح رهي ته گذريل مهيني آمريڪي انٽيليجنس ايجنسين سک اڳواڻ جَي قتل جِي سازش کي وائکو ڪيو هو.
ڪينيڊا پڻ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جَي قتل بابت ڀارت کان جاچ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔