عمران خان کي ڦاهي جي سزا کان بچائڻ لاءِ برطانيه ۾ ڪيس داخل ڪنداسين: عليمه خان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان سائفر ڪيس ۾ پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ جي لاءِ برطانيه جي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان چيو ته ميڊيا جو جيل ۾ هجڻ ضروري هو پر ميڊيا کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ کي به ذوالفقار علي ڀٽو جي رستي تي آندو پيو وڃي. عمران خان جي ڪيس کي جنهن تيزي سان اڳيان ڪيو پيو وڃي اهڙي ٻڌڻي کان وڏو مذاق ٻيو نٿو ٿي سگهي.

عليمه خان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جا پٽ سليمان، قاسم ۽ سندس ٻيا گهر ڀاتي برطانيه ۾ ڪيس داخل ڪندا. اسان کي ڏک آهي ته اسان هاڻ عالمي عدالتن ۾ وڃي رهيا آهيون. ڪجهه به ٿي پوي اسان پي ٽي آءِ باني کي ڦاهي جي ڦندي کان بچائينداسين ڇو ته  موت جي سزا عمران خان کي نه پر عوام کي ملي رهي آهي.

هن چيو ته اسان ڊونلڊ لوڊ جي خلاف به ڪيس آمريڪا ۾ داخل ڪنداسين. جنرل باجوه عوام جي چونڊيل حڪومت کي ڪيرايو. جنرل باجوه، حسين حقاني ۽ ڊونلڊ لو ان ۾ ملوث آهن. آمريڪي حڪومت ٻڌائي ته ڊونلڊ لو ڪهڙو پيغام ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔