نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مظفرآباد پهچي ويو، شهيدن جي يادگار تي حاضري

مظفرآباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد جمون ڪشمير جي 2 ڏينهن جي دوري تي مظفر آباد پهچي ويو آهي.

مظفر آباد پهچڻ تي آزاد جمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق پاڪستان جي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو استقبال ڪيو

وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ دوري دوران جمون، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ۾ جانين جون نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي جڏهن ته شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا پڻ ڪئي.

ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ شهيدن جي گيلري جو پڻ دورو ڪيو. ياد رهي ته انوارالحق ڪاڪڙ اڄ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو. جڏهن ته آزاد ڪشمير ڪابينه جي اجلاس جي صدارت به ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔