افغانستان مان جديد آمريڪي هٿيار پاڪستان اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪوئٽه:پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن افغانستان مان طورخم رستي جديد آمريڪي هٿيار اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بنائي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب طورخم بارڊر ٽرمينل تي ڪسٽم ۽ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي افغانستان مان پاڪستان ايندڙ گاڏي مان آمريڪي هٿيار هٿ ڪري ورتا

ذريعن ٻڌايو آهي ته جديد آمريڪي هٿيار چيڪنگ دوران بصر سان ڀريل ٻورين مان هٿ ڪيا ويا.  جنهن کان پوءِ افغان ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب جاچ دوران گرفتار ٿيل افغان ڊرائيور کان اهم انڪشافن جو امڪان آهي. هٿ آيل هٿيارن ۾ جديد آمريڪي هٿيار ايم فور، ڪلاشنڪوف، ميگزين ۽ مختلف نوعيت جون هزارين گوليون شامل آهن.

ذريعن موجب پڪڙيل هٿيارن ۾ آمريڪي رائفل، گرينيڊ، نائٽ وزن سائنس ۽ ليزر بيم به شامل آهن.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔