ڊي آءِ خان ۾ دهشتگرديءَ واري واقعي پاڪستان کي 10 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو: بلاول ڀٽو

ڊي آءِ خان ۾ دهشتگرديءَ واري ڪالهوڪي واقعي پاڪستان کي 10 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو، ماضيءَ جي هڪ حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ دهشتگرد تنظيمن سان ڳالهيون ڪيون، سنگين ڏوهن ۾ ملوث دهشتگردن کي جيلن مان آزاد ڪيو ويو

بلاول ڀٽو زرداري پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته  اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي وارثن کي ٻڌايو وڃي ته شهيدن جي خون جو سودو ڪنهن ڪيو؟ اسان دهشتگردي سبب وڏو ڀوڳيو آهي

بلاول چيو ته ڊي آءِ خان وارو ڪالهوڪو واقعو اهو مثال آهي ته اسان ڪهڙو امن قائم ڪيو آهي، ڪجهه سياستدان چون ٿا ته اسان ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، عوام پڇي ٿو ته لوڊشيڊنگ ڪڏهن ختم ٿي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔