پارس شاهه قتل ڪيس ٽرائل لاءِ ماڊل ڪرمنل ڪورٽ منتقل

حيدرآباد: پارس شاهه قتل ڪيس ٽرائل لاءِ ماڊل ڪرمنل ڪورٽ منتقل ٿي ويو آهي

فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج اشفاق مغل جي عدالت جوابدارن ۽ سندن وڪيلن کي ڪاپيون فراهم ڪرڻ بعد ٻڌڻي 29 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

فريادي ڌر پاران سحر شاهه وڪيل صلاح الدين پنهور معرفت عدالت ۾ پيش ٿي، جوابدارن جا وڪيل به پيش ٿيا

فريادي ڌر جي وڪيل موجب سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر حميرا اوٺو جي عدالت ۾ پوليس پاران پڪو چالان ۽ ٻيون رپورٽس فراهم ٿيڻ بعد ڪيس هاڻي ٽرائل لاءِ لاڳاپيل عدالت اماڻي ڇڏيو آهي

وڪيل موجب ملير ڪورٽ جي حڪم تي پارس شاه جي لاش جو مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ٻيهر پوسٽ مارٽم ٿيو جنهن ۾ اها ڳاله واضح ٿي ته سندس موت مٿي ۾ وزني آلاپ لڳڻ سبب ٿيو آهي

وڪيل دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرائل ڪورٽ وٽ مڪمل فائل پهتو آهي ان لاءِ اميند آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪندي

سحر شاهه موجب اسان پهرين ڏينهن کان ڀاءِ پارس کي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پر پوليس شروعاتي طور ڪيس جي صحيح نموني جاچ نه ڪئي، سانگهڙ پوليس هٿان گرفتار جوابدارن ديدار شاهه ۽ اسرار شاهه جيڪو بيان ڏنو اها ڳالهه ميڊيڪل بورڊ ۾ ثابت ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔