اسلام آباد جي عدالتن ۾ اهم ڪيسن جي ٻڌڻي: نگران وزيراعظم ۽ 2 اڳوڻا وزيراعظم پيش ٿيندا

اسلام آباد: موجوده نگران وزيراعظم ۽ ٻن اڳوڻن وزيراعظمن جا ايندڙ 3 ڏينهن ۾ اسلام آباد جي عدالتن ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.

اسلام آباد جي عدالتن ۾ ايندڙ چئن ڏينهن ۾ اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ٿيندي. نگران وزيراعظم کي بلوچ شاگردن جي گمشدگي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 نومبر تي طلب ڪري رکيو آهي.

نوازشريف هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ٻن اپيلن تي 27 نومبر جي ٻڌڻي دوران پيش ٿيندو. سائفر ڪيس ۾ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي 28 نومبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ اپيل 30 نومبر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر آهي. چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري ٻڌڻي ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔