واٽس گروپ استعمال ڪرڻ وارن لاءِ بهترين فيچر

ميٽا جي ملڪيت ڪمپني واٽس ايپ گروپس لاءِ هڪ نئون وائس چيٽ فيچر متعارف ڪرائي رهي آهي.
ڪمپني طرفان نئين فيچر جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب، نئون فيچر گروپ ڪالز کي واهپيدارن لاءِ وڌيڪ بهتر بڻائيندو.
فيچر تحت 33 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن تي ٻڌل واٽس ايپ گروپس ۾ وائس چيٽ ڪري سگهبي ۽ ڪال ڪرڻ تي ڪنهن به صارف جي فون تي رنگ ٽون به نه وڄندي.
حقيقت ۾ اِهي وائس چيٽس خاموشيءَ سان شروع ٿينديون ۽ گروپ ۾ هڪ چيٽ ببل نظر ايندو جنهن تي ڪلڪ ڪري اوهان وائس چيٽ جو حصو بڻجي سگهندا.
وائس چيٽ دوران اوهان گروپ جي اهڙن ماڻهن ڏانهن لکت ۾ پيغام به اُماڻي سگهو ٿا جيڪي ڪال جو حصو نه بڻجندا.
هن فيچر تحت گروپ چيٽ تي هڪ نئون وائس ويو فارم آئيڪون ٺهيل نظر ايندو.
ان آئيڪون تي ڪلڪ ڪرڻ تي وائس چيٽ پاڻمرادو شروع ٿي ويندي جنهن لاءِ هڪ خاص انٽرفيس مختص ڪيو ويندو.
هن فيچر مان ايندڙ ڏينهن ۾ تمام واهپيدار لاڀ حاصل ڪري سگهندا ۽ ڪمپني موجب، وائس چيٽس کي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو تحفظ پڻ حاصل آهي.
جيڪڏهن وائس چيٽ ۾ ڪو فرد شامل نه ٿيندو ته سندس سيشن پاڻمرادو سٺ منٽن کانپوءِ ختم ٿي ويندو.
هڪ خاص ڳالهه اِها به آهي ته هن فيچر تحت ڪنهن گروپ ۾ 128 ماڻهن ڪال جو حصو بڻجي سگهن ٿا.


واٽس ايپ طرفان نئين فيچر جو باظابطا اعلان ته ناهي ڪيو ويو پر ڪمپني جي هيلپ سينٽر سپورٽ ويب سائيٽ ۾ ان جو اشارو ڏنو ويو آهي.
هي فيچر موبائيل ايپ لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ڪمپني موجب، رڳو پرائيمري ڊيوائس تي ئي دستياب هوندو.
ان کان اڳ ڪمپني طرفان گذريل ڪجهه مهينن دوران ڪيئي نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن جن ۾ هڪ ڊيوائس ۾ ٻه اڪائونٽس استعمال ڪرڻ جڏهن ته پاس ڪيز سپورٽ پڻ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔