ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير جي مقرري پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

پشاور: خيبرپختونخواهه جي نئين نگران وڏي وزير سيد ارشد حسين شاهه جي مقرري کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي جنهن ۾ نئين وڏي وزير کي ڪم کان روڪڻ ۽ مقرري ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

پٽيشن ايڊووڪيٽ نجم حسين شاهه طرفان ولي خان آفريدي ۽ شاهه فيصل الياس ايڊووڪيٽ داخل ڪئي آهي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته 11 نومبر تي ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير اعظم خان جي وفات کان پوءِ ٻئي ڏينهن ئي صوبائي ڪابينه جي هڪ ميمبر سيد ارشد حسين شاهه کي ڪي پي ڪي جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. حالتون ان جي مقرري لاءِ جنهن طريقيڪار جي آرٽيڪل 224 ۽ 224 اي ۾ موجود آهي ان جي ابتڙ آهي

هن وقت نه اسيمبلي آهي نه ئي ڪو وڏو وزير ۽ نه ئي اپوزيشن اڳواڻ موجود آهي پر ان جي باوجود خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي نگران وڏي وزير ۽ اپوزيشن اڳواڻ کي گورنر هائوس طلب ڪري مشاورت کان پوءِ مذڪوره وڏي وزير جي مقرري جي پڌرائي جاري ڪئي.

داخل ڪيل پٽيشن موجب نگران حڪومت جو ڪم روزاني جي معاملن کي اڪلائڻ ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ آهي پر اڃان تائين نه ته انهن شفاف چونڊن جي لاءِ ڪو قدم کنيو آهي نه ئي ڪا آئيني ذميواري پوري ڪئي آهي پر اهي آئين جي تحت پنهنجي طئي ڪيل حدن ۽ آئيني ذميوارين کان به مٿانهون استعمال ڪري ويا آهن.

پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اهڙن قدمن سان شفاف چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ جو امڪان آهي ڇو ته موجوده نگران حڪومت سياسي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي ان ڪري نگران وڏي وڏي وزير جي مقرري جي پڌرائي اڳوڻي وڏي وزير ۽ اپوزيشن اڳواڻ جي مشاورت سان ٿي آهي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ آئين جي حوالي سان انهن جي مشاورت جي ڪابه اهميت نه آهي.

داخل ڪيل پٽيشن ۾ نگران وڏي وزير جي ڪابينه، سيڪريٽري قانون، وفاقي حڪومت، اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي ۽ استدعا ڪئي وئي آهي ته وڏي وزير سان گڏوگڏ مذڪوره ڪابينه کي به برقرار رکي نٿو سگهجي ڇو ته اها به غير آئيني طريقي سان قائم ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔