پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي اچي ويا

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ئي ڏينهن زبردست تيزي ڏٺي وئي، جنهن سان انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي اچي ويا .

سومر ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ڪي ايس اِي 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا .شروعاتي وقت ۾ 520 پوائنٽس جي اضافي سان 100 انڊيڪس 55900 جي سطح تي پهتو.

بعد ۾ بازار جي شيئرز ۾ وڌيڪ تيزي جو رحجان جاري رهيو جنهن سان پي ايس ايڪس ۾ مجموعي طور 962 پوائنٽس جي ريڪارڊ تيزي آئي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 100 انڊيڪس 56000 پوائنٽس جي حد به پار ڪري ويا .پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ انڊيڪس وڌي 56353 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪو آهي . ٻئي پاسي سومر ڏينهن انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 33 پئسن جي گهٽتائي سان 286.70 جي سطح تي اچي ويو آهي جڏهن ته انٽر اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه هڪ رپئي جي اضافي سان 289 رپين جي سطح تي پهچي وئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔