سائفر ڪيس: نگران ڪابينه عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي جيل ٽرائيل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: نگران وفاقي ڪابينه جيل ٽرائيل جي لاءِ قانون واري وزارت جي سمري منظور ڪندي سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي جيل ٽرائيل جي منظوري ڏئي ڇڏي.

سمري موجب سيڪيورٽي خدشن سبب سائفر ڪيس جي جيل ٽرائيل جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 29 آگسٽ تي قانون واري وزارت جيل ٽرائيل جي لاءِ اين او سي جاري ڪئي هئي.

سمري موجب گهرو وزارت ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين جيل ٽرائيل جي سفارش ڪئي. عمران خان کي پيش ايندڙ سيڪيورٽي خدشن سبب جيل ٽرائيل جي سفارش ڪئي وئي.

سمري سان گڏ اسپيشل برانچ جي ٿريٽ رپورٽ ۽ جج جي سفارش جي ڪاپي به گڏ جوڙي آهي. عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف 14 نومبر تي سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي. عمران خان جي اوپن ڪورٽ ٻڌڻي جي لاءِ  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔