ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن جاري، ڪيترائي پرڏيهي گرفتار

ڪراچي: ڪياماڙي ۽ سهراب ڳوٺ پوليس پرڏيهين جي خلاف اتحاد ٽائون ۽ سهراب ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن ڪري ڪيترن ئي غيرقانوني رهندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

تفصيل موجب ڪياماڙي پوليس جو محمد خان ڪالوني، اتحاد ٽائون ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي خلاف سرچ آپريشن ڪيو ويو. سرچ آپريشن ايس ايس پي ضلعي ڪياماڙي عارف اسلم رائو جي هدايتن تي ڪيو ويو جنهن ۾ سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن جي دوران پرڏيهين جو رڪارڊ گڏ ڪيو ويو

ڪيترن ئي غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي پوليس گرفتار ڪري سلطان آباد حاجي ڪيمپ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. شڪي ۽ غيرقانوني ماڻهن کي انٽرو گيٽ ڪرڻ سميت جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ويريفڪيشن به ڪئي وئي. جڏهن ته ايس پي سهراب ڳوٺ عزيز احمد جي سربراهي ۾ به سپر هاءِ وي جمالي ڳوٺ ۾ به سرچ آپريشن ڪيو ويو.

آپريشن ۾ ڊسٽرڪٽ ايسٽ جي مختلف ٿاڻن جي نفري   موجود هئي، جڏهن ته ليڊي سرچر به آپريشن ۾ حصو ورتو. جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. ايس پي سهراب ڳوٺ عزيز احمد چيو آهي ته اهي سمورا ماڻهو جن جا ڪوائف مڪمل ٿيڻ کان پوءِ کين آزاد ڪيو  ويندو. جڏهن ته ٻين ماڻهن کي سلطان آباد حاجي ڪيمپ منتقل ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔