پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران سنگين پريشانين جو شڪار ٿي سگهي ٿي.

باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب طرفان ڪجهه ڏينهن کان اهم شاهدين جو جائزو ورتو پيو وڃي. جيڪڏهن انهن شاهدين جي تصديق ٿي وئي ته بشريٰ بي بي جي حيثيت گواهه کان جوابدار ۾ تبديل ٿي ويندي. جنهن کان پوءِ کيس گرفتار به ڪري سگهجي ٿو. ٻڌايو پيو وڃي ته اهي شاهديون پئسن جي ڏيتي ليتي سان جڙيل آهن. جيڪي بشريٰ بي بي مبينه طور وصول ڪيا هئا

فرح شهزادي جي باري ۾ ميڊيا تي ليڪ ٿيندڙ تازي رپورٽ ۽ ان معاملي تي(ن) ليگ ۽ ايم ڪيو ايم وارن جون پريس ڪانفرنسون به  عمران خان لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿيون.

ٻئي پاسي نيب توشه خانه ۽ برطانيه جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي سان جڙيل 190 ملين پائونڊز جي معاملي ۾ به جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب نيب انهن ڪيسز جي جاچ مڪمل ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔