اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب طلبي خلاف فريال ٽالپر جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فريال ٽالپر خلاف 4 سال پراڻي جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب جي طلبي واري نوٽيس خلاف داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

فريال ٽالپر جي نيب طلبي خلاف درخواست 2019 کان التوا هيٺ آهي.  جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل 2 رڪني بينچ 13 نومبر تي فريال ٽالپر جي درخواست جي ٻڌڻي هلائيندي.

فريال ٽالپر درخواست ۾ نيب جي طلبي نوٽيس کي  ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔