اسد عمر تحريڪ انصاف جي بنيادي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سياست ڇڏڻ جو اعلان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر تحريڪ انصاف جي بنيادي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيندي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عوام ۾ زندگي گذارڻ کان پوءِ مان سياست مڪمل طور تي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته جيئن مان اڳ به اهو چئي چڪو آهيان ته مان رياستي ادارن سان جهيڙي واري پاليسي سان متفق نه آهيان. اهڙيون پاليسيون رياستي ادارن سان ٽڪراءُ جو سبب بڻجنديون آهن جيڪي ملڪ جي مفاد ۾ نه آهن.  

اسد عمر چيو ته مان پي ٽي آءِ جي بنيادي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيان ٿو. مان اهڙن  سمورن ماڻهن جو ٿورو ادا ڪرڻ چاهيان جنهن عوامي زندگي ۾ منهنجي حمايت ڪئي آهي. خاص طور تي اين اي 54 جي ٽيم ۽ ووٽرز جو ٿورو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن مون کي ٻيهر چونڊ ڪيو. مان هن تڪ جي خدمت ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي جنهن مون کي چونڊيو هو. رب پاڪ پاڪستاني قوم تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔