صدر، نگران وزيراعظم سميت سياسي شخصيتن جو علامه اقبال کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد: صدر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم سميت مختلف سياسي شخصيتن طرفان علامه اقبال کي 146هين يوم پيدائش تي خراج عقيدت  پيش ڪيو ويو آهي.

يوم اقبال جي موقعي تي صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عظيم مفڪر، فلسفي، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر علامه اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. اڄوڪي ڏينهن پوري قوم مفڪر پاڪستان علامه اقبال جي علمي، فڪري ۽ سياسي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿي

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ طرفان به علامه اقبال جي يوم پيدائش تي پيغام جاري ڪيو ويو آهي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اڄ مون سميت سموري قوم علامه اقبال جو 146هون يوم پيدائش وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي رهي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر علامه اقبال جون خدمتون سندس عظمت، ترقي پسنديت ۽ فڪر جي وڃايل ميراث کي ٻيهر روشناس ڪرايو

اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته علامه اقبال جو فلسفو ۽ فڪر پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي. خودي جو ولوله انگيز پيغام ڏئي اقبال نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. هن چيو ته اسان کي فڪر اقبال تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. علامه اقبال مسلمانن جي حقيقي سڃاڻپ لاءِ  خواب غفلت کان بيدار ڪرڻ جي عملي ڪوشش ڪئي.  

يوم اقبال جي موقعي تي استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين به علامه اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪيو. جهانگير ترين چيو ته علامه اقبال جي نظريات، نئين سوچ ڪيترن ئي نسلن کي متاثر ڪيو. علامه اقبال جو تصور ملڪ کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ مشعل راهه آهي.

بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي علامه اقبال جي 146هين يوم ولادت تي خراج عقيدت پيش ڪيو. مير علي مردان چيو ته اڄوڪي ڏينهن پوري قوم مفڪر پاڪستان جي يوم ولادت تي ان جي تحريڪ پاڪستان ۽ مسلمان امت لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. علامه اقبال جي خواب جي تعبير جي شڪل ۾ جمهوري جدوجهد ذريعي برصغير جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ حاصل ڪيو.

خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير محمد اعظم خان يوم اقبال جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ذريعي نوجوانن جي فڪري رهنمائي ڪئي. هن چيو ته مفڪر پاڪستان جي خودي جو تصور قوم خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آهي. علامه اقبال برصغير جي مسلمانن لاءِ هڪ ڌار رياست جو تصور پيش ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔