190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس: بشريٰ بي بي نيب ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ نيب ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

قومي احتساب بيورو(نيب) عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ طلب ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن تي هن نيب آفيس ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيل نعيم پنجوتها ذريعي نيب کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن نيب کان ايندڙ هفتي نوٽيس جاري ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته اڄ اڍائي وڳي نيب آفيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ 3 نومبر تي نوٽيس جاري ڪيو ويو. ڪجهه سببن جي ڪري اڄ نيب آفيس ۾ پيش نٿي ٿي  سگهان ان لاءِ نيب ۾ پيشي بابت التوا جي درخواست آهي.

بشريٰ بي بي طرفان لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قانون جي بالادستي لاءِ نيب سان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريون ٿا. نيب جاچ جي اهميت کي سمجهان ٿي ان ڪري پيشي ايندڙ هفتي مقرر ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔