سائفر ڪيس: عمران خان فرد جرم جي ڪارروائي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر ڪيس ۾ ٽرائيل ڪورٽ طرفان فرد جرم لڳائڻ جي ڪارروائي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي وڪيل حامد خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ سائفر ڪيس ۾ ٽرائيل ڪورٽ جي فرد جرم جي ڪارروائي کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواستگذار کي مخالفن طرفان سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي ۽ سياسي انتقام جو دائرو درخواستگذار جي سياسي پارٽين ۽ اتحادين تائين پکيڙيو ويو آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ درخواستگذار کي نشانو بنائڻ بابت عدالت کي آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. درخواستگذار جي خلاف لڳ ڀڳ 200 ڪيس ٺاهيا ويا آهن. رياستي مشينري جعلي ڪيس ٺاهڻ لاءِ قابل اعتراض مقصد جي تحت استعمال ڪئي پئي وڃي. درخواستگذار جي معاملي تي ايف آءِ اي ۾ آزادي ۽ انصاف پسندي جي کوٽ نظر اچي ٿي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته درخواستگذار جي خلاف پورو ٽرائيل غيرقانوني ۽ اختيار جي دائري کان مٿانهون آهي ان ڪري عدالت اسپيشل ڪورٽ جو فرد جرم جو 23 آڪٽوبر جو حڪم نامو آئين ۽ قانون جي خلاف قرار ڏئي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 26 آڪٽوبر جو حڪمنامو به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي تي سائفر ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔