ورلڊ ڪپ: انگلينڊ جي نيڊر لينڊ خلاف بيٽنگ جاري، هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 95 رنسون ٺاهي ورتيون

پونا:  آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 جي 40هين ميچ ۾ انگلينڊ جي نيدرلينڊز جي خلاف بيٽنگ جاري آهي. انگلينڊ جي ٽيم 95 رنسون ٺاهيون آهن جڏهن ته سندس هڪ رانديگر آئوٽ ٿيو آهي.

ٻئي ٽيمون ڀارتي شهر پونا جي مهاراشترا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون آهن جتي انگلينڊ ٽيم جي اڳواڻي جوز بٽلر جڏهن ته نيڊرلينڊز جي اسڪاٽ ايڊورڊز ڪري رهيو آهي

ياد رهي ته  ميگا ايونٽ ۾ ٻئي ٽيمون پنهنجا 7-7 ميچ کيڏي چڪيون آهن جن ۾ انگلينڊ جي ٽيم صرف هڪ ئي ميچ کٽي سگهي آهي 6 ۾ کيس شڪست ملي آهي. اهڙي طرح نيدرلينڊز جي ٽيم به ٽورنامينٽ ۾ 7 ميچ کيڏي چڪي آهي جن مان صرف 2 ۾ کيس ڪاميابي ملي آهي جڏهن ته 5 ۾ کيس ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

انگلينڊ طرفان اننگز جي شروعات ڊيوڊ ميلان ۽ جوني بيرسٽرو طرفان ڪيو ويو پر جوني بيرسٽو ۽ ڊيوڊ ميلان نيدر لينڊز خلاف ٽيم کي وڏي پارٽنر شپ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا جوني بيريسٽو 7هين اوور ۾ 17 بالن تي 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

ورلڊ ڪپ جي پوائنٽس ٽيبل کي ڏٺو وڃي ته ان فهرست ۾ انگلينڊ 10هين ۽ نيدرلينڊز جي ٽيم 9هين نمبر تي موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔