خديجه شاهه کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ تي سي سي پي او لاهور عدالت طلب

لاهور: مشهور ڊيزائنر ۽ ايڪٽيوسٽ خديجه شاهه کي ٽئين ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ تي سي سي پي او لاهر کي عدالت طلب ڪيو ويو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ خديجه شاهه جي پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب عدالت سي سي پي او لاهور کي 27 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت طرفان جاري ڪيل لکت ۾ حڪم موجب سي سي پي او لاهور سرڪاري وڪيل ذريعي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. سي سي پي او جو جواب عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو ان ڪري سي سي پي او لاهور پاڻ پيش ٿي وضاحت ڏئي.

خديجه شاهه جي درخواست تي ٿيندڙ ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جسٽس علي باقر نجفي جاري ڪيو. ياد رهي ته خديجه شاهه کي ٽئين ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔