شهباز گل جا هڪ دفعو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت بغاوت جي الزام واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جا هڪ دفعو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي جج چيو ته بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ اشتهاري شهباز گل جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ٻيهر جاري ڪيا وڃن ٿا.

عدالت پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته شهباز گل جڏهن به ڪٿي به نظر اچي کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ياد رهي ته شهباز گل تي ادارن جي سربراهن خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔