مراد سعيد ۽ عمر ايوب سميت 10 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد:دهشتگردي جي انت واري عدالت مراد سعيد، عمر ايوب ۽ علي امين گنڊاپور سميت پي ٽي آءِ جي 10 اڳواڻن جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جوڊيشل ڪمپليڪس حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين پاڪستان تحريڪ انصاف جي 10 اڳواڻن جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا جنهن ۾ مراد سعيد، عمر ايوب خان ۽ علي امين گنڊاپور به شامل آهن

عدالت طلب ڪرڻ جي باوجود لاڳيتو غير حاضري تي دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. ٻين جوابدارن ۾ شبلي فراز، فرخ حبيب، حماد اظهر، علي نواز اعواڻ، حسان خان نيازي، عمر سلطان ۽ ڪرنل محمد عاصم به شامل آهن.

عدالت حڪم ڏنو آهي ته جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي جوابدار جتي نظر اچن انهن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي..  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔