پي آءِ اي کي 16 ڏينهن ۾ ساڍا 8 ارب روپين جو نقصان، 300 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي

ڪراچي: پي ايس او کان  ٻارڻ جو تيل نه ملڻ سبب قومي ايئر لائين(پي آءِ اي) کي 16 ڏينهن ۾ ساڍا 8 ارب روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي جڏهن ته 300 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن.

ڪراچي کان ويندڙ ۽ ايندڙ 12 اڏامون ملتوي ڪيون ويون. ڪراچي کان اسلام آباد ايندڙ ۽ ويندڙ 4 اڏامون، ڪراچي کان لاهور طرف 4 اڏامون، ڪراچي کان لاهور ڪي پي ڪي 302 ۽ لاهور کان ڪراچي 303 ڪراچي کان فيصل آباد جون ٻطرفيون اڏامون پي ڪي 340 ۽ پي ڪي 341، پي آءِ اي جي ڪراچي کان مقسط ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن

ڪراچي کان سوئي ڏانهن ويندڙ اڏام پي ڪي 155 ٻه ڪلاڪ دير سان ٻنپهرن جو 12 وڳي شيڊول ڪئي وئي جڏهن ته پشاور ايئرپورٽ کان پي آءِ اي جي دبئي، ابو ظهبي ۽ شارجه جون اڏامون ملتوي ڪيون ويون.

پي آءِ اي ترجيحي اڏامن جي لاءِ پي ايس او کان ٻارڻ جو تيل روڪ رقم ڏئي اڏامون هلائي رهيو آهي. هينئر تائين 16 ڏينهن ۾ پي آءِ اي جون ملتوي ڪيل اڏامن جو تعداد 340 ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته قومي ايئر لائين تاريخ جي بدترين بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) کي بقايا ادا نه ڪرڻ تي پي ايس او پي آءِ اي کي ٻارڻ جي تيل جي فراهم گهٽ ڪري ڇڏي آهي.

وڏي پيماني تي اڏامن جي ملتوي ٿيڻ هزارين مسافر سخت اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. پي آءِ اي انتظاميه مسافرن کي اڏامن جي روانگي جو وقت ٻڌائڻ کان به قاصر نظر اچي رهي آهي جنهن سبب مسافر ٻئي ايئر لائين ۾ سيٽون ڳولڻ تي مجبور آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔