ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي،13ڪروڙ جي ماليت جا آءِ فون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي:ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽمز اختيارين ڪارروائي ڪندي 13 ڪروڙ روپين جي ماليت جا  آءِ فون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي آهي.

ڪسٽمز انٽيليجنس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انعام وزير موجب جناح ٽرمينل تي  ڳجهي اطلاع جي بنياد تي قيمتي آءِ فونز جي کيپ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي آهي. شارجه کان ايئر عربيه جي اڏام ذريعي ايندڙ مسافرن کان 13 ڪروڙ ماليت جا 168 آءِ فون هٿ ڪيا ويا آهن.

مسافر بين الاقوامي آمد سبب ڪليئرنس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا جن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ماڻهن کي گرفتار ۽ آءِ فون ضبط ڪيا ويا آهن. گرفتار  ٿيل مسافرن جو تعلق اسمگلرن جي منظم گروهه سان آهي ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔