عوام نوازشريف کي آخري اميد جي طور تي ڏسي رهيو آهي:(ن) ليگ

لاهور: مسلم ليگ(ن) چيو آهي ته عوام نوازشريف کي آخري اميد جي طور تي ڏسي رهيو آهي. (ن) ليگ جي اڳواڻ کي آزمائش مان ڪڍنداسين.

دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي(ن) ليگ جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته اسان ڊسمبر 2021 ۾ چيو هو ته نوازشريف کي ملڪ واپس آڻينداسين. عوام نوازشريف کي آخري اميد جي طور تي ڏسي رهيو آهي.

هن چيو ته نوازشريف پاڪستان کي ايٽمي طاقت ٺاهيو. دوست ملڪن جو ڀروسو صرف نوازشريف تي آهي. (ن) ليگ اڳواڻ ملڪ کي دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب مان ڪڍيو.

ٻئي طرف اڳوڻي اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي دور ۾ اسان جي مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا جيڪي ماڻهو اڄ جيل ڀوڳي رهيا آهن انهن کان رب پاڪ حساب ڪتاب وٺي رهيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي دور ۾ سڀني کان وڌيڪ مهانگائي ٿي. لاڏلي سڄي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته 16 مهينن ۾ شهباز شريف ملڪ کي سريلنڪا ٿيڻ کان بچايو. هن ملڪ کي هاڻ نوازشريف جي ضرورت آهي. 21 آڪٽوبر تي محمد نوازشريف واپس ايندو ۽ پنهنجو ويزن ڏيندو. 15 کان 16 سالن جي ٻارن کي به خبر آهي ته هن ملڪ مان لوڊشيڊنگ ڪنهن ختم ڪئي.

اڳوڻي وزير وڌيڪ چيو ته نوازشريف عدالتن ۽ جيلن کان ڀڄي نه ويو هو. (ن) ليگ اڳواڻ واپس اچي ٻيهر سڀ ڪجهه صحيح ڪري ڇڏيندو. پاڪستان جي عوام جنهن کي ووٽ ڏيندي اقتدار تي ان جو حق آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔