موسميات کاتي سنڌ ۾ سخت گرمي ۽ پنجاب ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته پنجاب ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن  دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي جنهن سبب ڪراچي، ٺٽو، بدين ۽ حيدرآباد ۾ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ ڇنڇر تي موسم انتهائي گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. جنهن دوران گرمي پد 39 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

ٻئي طرف پنجاب ۾ امڪاني تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي پي ڊي ايم اي طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي موجب 28 کان 30 سيپٽمبر دوران پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي. چوماسي جو آخري اسپيل خطرناڪ طوفان سان شروع ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. پي ڊي ايم اي موجب برساتن سبب گرمي پد ۾ گهٽتائي جا امڪان آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔