نگران وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو، روضه رسول صه تي حاضري

مدينه منوره: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سعودي عرب پهچي ويو آهي جتي هن مسجد نبوي ۾ روضه رسول صه تي حاضري ڏني ۽ نفل ادا ڪيا.

ان موقعي تي نبي ڪريم صه جي حضور درود سلام پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون  ويون.

نگران وزيراعظم اڄ عمري جي ادائيگي لاءِ مڪه مڪرمه روانو ٿيندو جتي هو مسجد الحرام ۾ عمرو ادا ڪندو. جڏهن ته نگران وزيراعظم جي دوري دوران سعودي عرب ۾ اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون پڻ ٿينديون.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نجي دوري تي سعودي عرب پهتو هو، گورنر شهزادي فيصل بن سلمان، مدينه منوره جي امير محمد بن  عبدالعزيز انٽرنيشل ايئرپورٽ تي نگران وزيراعظم  جي آجيان ڪئي.

نگران وزيراعظم جي دوري دوران پاڪستان جو سفير احمد فاروق، قونصل جنرل خالد مجيد، پاڪستاني سفارتخاني ۽ جده قونصليٽ جنرل جا آفيسر پڻ موجود هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔