پاڻمرادي نوٽيس جو اختيار ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان، اهڙو اختيار نه کپي جنهن سان عدليه جي آزادي ڪمپرومائز ٿئي: چيف جسٽس

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي ٽي وي تان لائيو نشر ڪئي وئي، نئين چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 15 رڪني فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي جي ڪارروائي لائيو نشر ڪرائي آهي

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪارروائي بابت فل ڪورٽ جوڙڻ جون 3 درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪيون ويون آهن

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌڻي جي شروعات ڪندي چيو ته دير سان ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي معذرت ڪيان ٿو، ٻڌڻي ۾ دير عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ سبب ٿي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪيس کي حل ڪرڻ جو بهترين حل اهو هو ته ان تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي، فل ڪورٽ جوڙڻ بابت پاڪستان بار ڪائونسل جي اپيل سميت 3 درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪيون ٿا، سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ عدالتي ڪمري ۾ سرڪاري ٽي وي پاران ڪيمرائون لڳايون ويون

 چيف جسٽس چيو ته عوام اسان کان 57 هزار ڪيسز جو فيصلو چاهي ٿو، فل ڪورٽ فيصلو ڪيو ته عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ هڪ پائلٽ تجربو ڪيو وڃي، عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ جي امڪانن بابت هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس چيو ته ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ ۽ ذاتي مفادن کي هٿي ڏيندڙ اختيار مون کي نه کپن، توهان چيف جسٽس کي احتساب کان آجو ڪرڻ ڇو ٿا چاهيو؟ ريڪوڊڪ معاملي تي سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس ۽ فيصلي سان ملڪ کي ساڍا 6 ارب ڊالرز جو نقصان پهتو، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارا اهڙا اختيار مون کي نه کپن

درخواست گذار جي وڪيل خواجا طارق رحيم دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ ذريعي پنهنجا رولز ٺاهي ڇڏيا هئا، پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ مداخلت ڪئي، عدليه جي آزادي به بنيادي حقن ۾ شامل آهي، سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارا اختيار ڪنهن قانون سان ختم نه ٿا ڪري سگهجن، ان جي لاءِ آئين ۾ ترميم ضروري آهي

چيف جسٽس چيو ته آئين سپريم ڪورٽ جي آزاديءَ سان شروع نه ٿو ٿئي، توهان هي قانون اڏائي ڇڏيندا ته مان وڌيڪ طاقتور ٿي ويندس، توهان مون کي اهڙا اختيار ڏيندا به ته مان نه وٺندس

جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 184- ٽي جڊيشل پاور آهي، عدالت کي پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

جسٽس اطهر من الله خواجا طارق کان پڇيو ته چيف جسٽس وٽ بينچ ٺاهڻ جا لامحدود اختيار هجن ته پوءِ توهان مطمئن آهيو؟

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اهو ٻڌايو ته هي ايڪٽ آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل سان ٽڪراءَ ۾ آهي؟

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته خواجا صاحب توهان جي بحث مان اهو سمجهه ۾ آيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه فل ڪورٽ ڪري ته پوءِ درست آهي ۽ پارليامينٽ ڪري ته غلط آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔