ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات: ٿڌيون هوائون لڳڻ سبب موسم خوشگوار ٿي ويو

اسلام آباد: خيبرپختونخواهه، پنجاب، اوڀر بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به اڄ برسات پوڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. لاهور ۾ ڪالهه کان برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب سنڌ جي مختلف شهرن، سجاول، ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، سکر، نوابشاهه، مٽياري ۽ سانگهڙ ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ٿرپارڪر، مٺي، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ بدين ۾ به برسات جو امڪان آهي. ڄامشورو، خيرپور، دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ به برسات پوندي

موسميات کاتي موجب اسلام آباد ۾ اڄ طوفان ۽ کنوڻ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. لاهور ۾ سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. لاهور ۾ هن وقت موسم خوشگوار آهي ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.

پنجاب جي ڳالهه ڪئي وڃي ته سيالڪوٽ، نارووال، لاهور، قصور، اوڪاڙه، ساهيوال، بهاوالنگر ۽ بهاولپور ۾ اڄ برسات پوندي. وهاڙي، ملتان، خانيوال، شيخوپوره، مري، گليات، راولپنڊ ي۽ اٽڪ ۾ به برسات جو امڪان آهي.

بلوچستان ۾ به زوب، موسيٰ خيل، سبي، ڪوهلو ۽ لورالائي، بارکهان، لسبيله ۽ خضدار ۾ برسات جو امڪان آهي. آزاد ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔