خدا مون کان ملڪ ۽ انصاف جي خدمت ورتي، گڊ ٽو سي يو آل ماءِ فرينڊز: چيف جسٽس جو آخري ڏينهن ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال رٽائرمينٽ کان اڳ بئنچ ۾ آخري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته الله جا ٿورا مڃيا ٿو جنهن مون کان ملڪ ۽ انصاف جي خدمت ورتي.
چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال سڀاڻي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو ۽ سندس جاءِ تي سپريم ڪورٽ جو سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس طور 17 سپٽيمبر تي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو

سپريم ڪورٽ بئنچ ۾ آخري ڏينهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال وڪيلن ۽ صحافين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو گڊ ٽو سي يو آل ماءِ فرينڊ.
چيف جسٽس چيو ته ڪارو ڪوٽ پائي اسان پاڻ کي بار جو حصو سمجهندا آهيون، جسٽس ساحر علي چوندو هو ته بار ته اسان جي ماءُ آهي، انشاءَالله بار روم ۾ ملنداسين.
جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته ميڊيا جي ساٿين جو به ٿورائتو آهيان، ميڊيا جي تنقيد کي ويلڪم ڪيون ٿا. ميڊيا فيصلن تي تنقيد ضرور ڪري پر ججز تي نه ڪري، تنقيد جي جواب ۾ ججز پنهنجو دفاع نٿا ڪري سگهن، جج تي تنقيد کان پهريان اهو ضرور ڏسو ته سچ تي ٻڌل آهي يا افواهن تي ججز تي تنقيد ڪوڙ جي بنياد تي نه ٿيڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته خدا جو شڪر گذار آهيان جنهن مون کان ملڪ ۽ انصاف جي خدمت ورتي، خدا لاءِ پنهنجو فرض ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔