روپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ مسلسل گهٽتائي

ڪراچي: انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر  جو ملهه وڌيڪ 1 رپيو 31 پئسا گهٽتائي سان 296 روپيا 64 پئسن جي سطح تي اچي ويو آهي .

ڪرنسي جي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث عنصرن خلاف لاڳيتو ڪاروائين جي ڪري ڊالر پوئتي موٽ ڪئي آهي .گذريل ڏينهن کان ڊالر مسلسل ڪرندو رهي ٿو.

ٻئي پاسي ، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 341 پوائنٽس جي تيزي ڏٺي وئي جنهن کانپوءِ هنڊريڊ انڊيڪس وڌي 45991 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔