مستونگ ۾ ڌماڪو، پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله زخمي

مستونگ: مستونگ جي ويجهو ڌماڪي ۾ پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله زخمي ٿي پيو، ريسڪيو ٽيمون ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچڻ شروع ٿي ويا، حافظ حمد الله ۽ ٻين ٽن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو حافظ حمد الله جي گاڏي جي ويجهو ٿيو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو آهي، حافظ حمدالله کي فوري طور تي  طبي امداد جي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيوويو آهي، جتان کان هُن کي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويندو

ذريعن موجب ڌماڪي ۾ مجموعي طور تي ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔