سنڌ ڪابينا اجلاس: ڪچي ۾ انٽرنيٽ جي سهوليت ختم ڪرڻ جو حڪم، ڌاڙيلن خلاف آرمي آپريشن جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪچي ۾ انٽرنيٽ جي سهوليت ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ڌاڙيلن خلاف آرمي آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، آءِ جي پوليس رفعت مختار ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ امن امان بابت صوبي جي صورتحال تي سنڌ ڪابينا کي آءِ جي سنڌ رفعت مختار بريفنگ ڏني

آءِ جي سنڌ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن سال 2023ع ۾ 217 ماڻهو اغوا ٿيا جن مان 207 مغوي بازياب ٿيا، 11 ماڻهو اڃان تائين يرغمال آهن. بريفنگ دوران سنڌ جي آءِ چيو ته 11 مان 3 ڄڻا شهيد بينظير آباد، 7 ڄڻا لاڙڪاڻي ۽ هڪ کي سکر مان اغوا ڪيو ويو. سنڌ جي نگران وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته مغوين کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي ۽ ڪچي ۾ انٽرنيٽ جي سهوليت ختم ڪئي وڃي. ڌاڙيلن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي. نگران وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي مغوين جي خاندانن سان رابطي ۾ رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

جسٽس(ر) مقبول باقر کي ٻڌايو ويو ته ڪچي جي ٽوٽل 4 لک آبادي آهي. ڪچي ۾ 238 ڳوٺ آهن، 8 پوليس اسٽيشنون ۽ 20 چيڪ پوسٽون آهن. نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر چيو ته ڪچي ۾ سٺي ساک رکندڙ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي.  نگران وڏي وزير چيو ته جيڪي پوليس وارا سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکارين انهن کي فوري طور تي هٽايو وڃي. گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ پل تي ڪم شروع ڪيو وڃي. پل ٺهي ويندي ته علائقو کلي ويندو ۽ امن امان جي صورتحال به بهتر ٿي ويندي.

سنڌ ڪابينا پاران ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آرمي آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو. نگران وڏي وزير اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ کي ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو حڪم ڏيندي چيو ته شهرين کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي. هاڻ ته صورتحال اتي وڃي پهتي آهي جو ڪوبه ماڻهو موبائيل فون به کڻي نٿو نڪري سگهي اها صورتحال ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔