ڪوئٽه ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي: 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا: بلوچستان جي راڄڌاني جي ڏوراهين علائقي ۾ مبينه مقابلي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

پوليس موجب ڪوئٽه جي ڏوراهين علائقي اغبرگ ۾ ڪائونٽر ٽيرازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) جي دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن.  مارجي ويل سمورن ماڻهن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.

مارجي ويل دهشتگرد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. سي ٽي ڊي جوابدارن جي استعمال هيٺ گهر مان خودڪش جيڪٽ، 5 دستي بم ۽ ڌماڪيدار مواد سميت ٻيون پابندي مڙهيل شيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔