پرينيتي ۽ راگهو جي شادي تيار،تاريخ طئي ٿي وئي

ممبئي: هندستاني اداڪاره پرينيتي چوپڙا ۽ راگهو چڊه جي شادي طئي ٿي وئي، رسمون 23 سيپٽمبر کان شروع ٿينديون، هندستاني ميڊيا موجب اداڪاره پرينيتي چوپڙا ۽ عام آدمي پارٽي جي اسيمبلي ميمبر راگهوچڍا جي شادي 24 سيپٽمبرتي راجستان رياست جي شهر اوي پور ۾ ٿيندي

23 سيپٽمبر تي هيڊ ميندي ۽ عورتن جو خاص پروگرام ٿيندو، شادي ۾ شرڪت لاءِ 50 وي وي آءِ پيز سميت 200 مهمانن کي گهرايو ويندو، عام آدمي پارٽي جو سربراهه اروند ڪيجريوال پنجاب جو وڏو وزير به شادي ۾ شريڪ ٿيندو

پرينتي چوپڙا جي سوٽ ۽ هندستان جي ميگا اسٽار پريانڪا چوپڙا به ايندي، واضح رهي جوڙي جي مڱڻي 13 مئي تي نئين دهلي ۾ ٿي هئي جنهن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون شريڪ ٿيون هيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔