محسن نقوي سان آمريڪي سفير جي ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

لاهور: پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي  آهي جنهن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفي واپار، سرمائيڪاري وڌائڻ جا موقعا، زراعت، سياحت، تاريخي عمارتن جي بحالي جي حوالي سان تعاون کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي  پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي چيو ته پنجاب ۽ ڪيليفورنيا کي سسٽر سٽيٽس قرار ڏيڻ جي معاهدي تحت واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. زراعت خاص طور تي سيڊ ڊوالپمينٽ جي حوالي سان ڪيليفورنيا جي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. پنجاب ۾ تاريخي عمارتن جي بحالي جي حوالي سان آمريڪي تعاون جي آجيان ڪريون ٿا.

ملاقات دوران آمريڪي سفير طرفان آمريڪا ۽ پاڪستان جي اقتصادي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ارادو ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت سان ملي مختلف شعبن ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ وڌايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔