عوامي احتجاج جو اثر نه پيو حڪومت بجلي جي بلن تي ٽيڪس وڌائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: حڪومت عوامي احتجاج نظر انداز ڪندي بجلي صارفين مٿان وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن  موجب ٽيڪس جا حدف پورا ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين جي بجلي بلن ۾ ٽيڪسن ۾ وڌيڪ واڌ جون تياريون ڪيون پيون وڃن

ذريعن موجب آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر جي بلن ۾ 6 روپيه 61 پئسن جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ به شامل هوندي جيڪا جولاءِ ۾ 2 روپيه 22 پئسا، آگسٽ ۾ 2 روپيه 24 پئسا هئي جڏهن ته سيپٽمبر ۾ 2 روپيه 71 پئسا شامل آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته سيپٽمبر ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت 42 روپيه 66 پئسا ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ آڪٽوبر ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي. آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين في يونٽ قيمت 49 روپيه 55 پئسا هوندي. سيپٽمبر ۾ في يونٽ تي 8 روپيه 39 پئسا ٽيڪس به لڳايو ويندو ان کان علاوه 2 روپيه 55 پئسا فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ به لاڳو هوندي.

آڪٽوبر جي بجلي بلن ۾ في يونٽ 9 روپيه 67 پئسا ٽيڪس ۽ 2 روپيه 55 پئسا فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ شامل هوندي.  جڏهن ته نومبر ۽ ڊسمبر ۾ في يونٽ 9 روپيه 75 پئسا ٽيڪس ۽ 2 روپيه فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ شامل هوندي. ان کان علاوه بجلي جي بلن ۾ ٻيا ٽيڪسز به لاڳو هوندا جنهن سان صارفين تي اربين روپين جو بار پوندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔