سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

جسٽس مظاهر نقوي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

جسٽس نقوي پڇيو ته ڇا هاڻ اها درخواست غير موثر نه ٿي وئي آهي؟ درخواستگذار ايڊووڪيٽ توفيق آصف چيو ته جيڪڏهن درخواست 6 سال اڳ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي ها ته غير موثر نه ٿئي ها. اسان جا خدشا  صحيح ثابت ٿيا. پرويز مشرف ٻاهر ويو، واپس موٽي نه آيو.

جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته بس هاڻ الله تي ڇڏي ڏيو؟ توفيق آصف جواب ڏنو ته هاڻ ته الله تي ئي ڇڏي رهيا آهيون. جنهن کان پوءِ عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ جي آڌار تي رد ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔