آغا سراج دراني جي اثاثا ڪيس ۾ ضمانت منظور

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي آهي

ڪراچي جي احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت بابت درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

گذريل ڏينهن آغا سراج دراني جي وڪيلن دليل ڏيندي چيو هو ته آغا سراج هڪ سال کان جڊيشل رمانڊ تي نظربند آهي، نيب پاران ڪيس کي ڄاڻي واڻي اينگهايو پيو وڃي، نيب هڪ سال دوران رڳو ٻن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا آهن

احتساب عدالت 10 لک روپين جي مچلڪن عيوض آغا سراج جي ضمانت منظور ڪري ورتي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔