ايڇ آر سي پي اليڪشن ڪميشن کان چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان(ايڇ آر سي پي) اليڪشن ڪميشن کان ملڪ ۾ چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ايڇ آر سي طرفان چيو ويو آهي ته چونڊن جي حوالي سان غير يقيني واري صورتحال ختم ٿيڻ گهرجي. تڪ بندين کي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي لاءِ بهاني جي طور تي استعمال نه ڪيو وڃي.

هيومن رائيٽس ڪميشن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اهڙيون خبرون ملي رهيون آهن ته فرقيواريت کي هٿي ڏني پئي وڃي. ڪجهه مخالف ڌر جون سياسي پارٽيون پنهنجي جڳهه ٺاهڻ جي لاءِ فرقيواريت کي وڌائي رهيون آهن.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت عوامي احتجاجن کي به ڏسي، انهن مسئلن جو نوٽيس ورتو وڃي جنهن جي ڪري ماڻهو روڊن تي نڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔