بل ادا نه ڪندڙ علائقن ۾ هاڻ لوڊشيڊنگ فيڊرز مان نه ٽرانسفارمر مان ڪئي ويندي: نيپرا

اسلام آباد: نيپرا بل ادا ڪندڙ علائقن کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان بچائڻ لاءِ وڏو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻ بل ادا نه ڪندڙ علائقن ۾ لوڊشيڊنگ فيڊر مان نه پر ٽرانسفارمر مان ڪئي ويندي. فيڊر مان بجلي بند ڪرڻ تي سڄو علائقي بجلي کان محروم ٿيندو آهي. فيڊر مان بجلي بند ٿيڻ اهو صارف به متاثر ٿئي ٿو جيڪو پورو ڀل جمع ڪرائيندو آهي. پورو بل ڀريندڙ صارف جي بجلي بند ڪرڻ انتهائي غير ذميواري آهي.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪري وتو آهي. نيپرا طرفان فيصل ڪيو ويو آهي ته بل ادا نه ڪرڻ تي لوڊشيڊنگ فيڊر مان نه پر ٽرانسفارمر مان ڪئي ويندي. نيپرا پورو بل ڀرڻ باوجود لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيندڙ صارف جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

نيپرا طرفان چيو ويو آهي ته پورو بل جمع ڪرائنيدڙ صارف جي بجلي بند ڪرڻ انتهائي غير ذميواري آهي. نيپرا طرفان ڪيل فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اليڪٽرڪ فيڊر جي بجاءِ پي ايم ٽي مان ريموٽ پاور سسٽم ذريعي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي. نيپرا فيصلو ڪيو آهي ته اي ٽي اين سي لاسز جي بنياد تي لوڊشيڊنگ نيپرا ايڪٽ 2005 جي ڀڃڪڙي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔