واپارين پاران سڀاڻي بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان

آل پاڪستان انجمن تاجران پاران بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي

آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڪمرشل بجلي جي بلن ۾ لڳايو پيا وڃن

هن چيو ته واپاري برادري سڀاڻي ڪاروباري سرگرميون مڪمل طور بند رکندي

ٻئي طرف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به بجلي جي بلن جي واڌ خلاف شهرين احتجاج ڪيو

مظاهرين ميٽر ٽوڙيا ۽ بلن کي باهه ڏئي ساڙي ويو

واضح رهي ته جماعت اسلامي 2 سيپٽمبر تي بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف سڄي ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان پڻ ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔