پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول جي قيمت ۾ ٻيهر وڏي واڌ جو امڪان

اسلام آباد:  16 آگسٽ 2023 کان ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سان مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 12 روپين جو فرق پيو آهي ان سان گڏ ئي عالمي منڊي ۾ به پيٽروليم شين جون قيمتون به وڌي رهيون آهن.

امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ مهيني ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 12 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 14.83 روپيه في ليٽر اضافو تجويز ڪندي.

آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون نه ٿيون ته اربين ڊالرز جو قرض خطري ۾ پئجي ويندو جنهن سان عوام کي مهانگائي جي طوفان کي منهن ڏيڻو پوندو. نگران حڪومت به هن وقت بجلي جي وڌيڪ بلن خلاف سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاج سبب دٻاءُ جو شڪار آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔